تانيا جو ڪيس ميڊيا خراب ڪيو،خبرن سبب جوابدار لڪي ويا: وڏي وزير مراد علي شاهه جو انڪشاف

Tania khaskheli 01

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته، جهانگارا ۾ قتل ٿي ويل مئٽرڪ جي شاگردياڻي تانيا خاصخيلي جي قتل واري معاملي جون خبرون ميڊيا ۽ عوامي رابطن جي گروپس تي هلڻ سبب جوابدار لڪي ويا، جن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

سيد مراد علي شاهه اهڙو اظهار جهانگارا ۽ دادو ۾ ميڊيا ساسن ڳالهائيندي ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته تانيا خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا. هن چيو ته اصل ۾ معاملو ميڊيا خراب ڪري ڇڏيو، قتل واري واقعي جون خبرون ميڊيا تي هلڻ سبب جوابدارن کي خبر پئجي وئي ۽ هُو لڪي ويا، جن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن پر جلد کين سوگهو ڪيو ويندو.

سيد مراد علي شاهه چيو ته جوابدار ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن پر انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ضرور بيهاريو ويندو.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *