خانپورمهر: ٻن ڀائرن ۾ جهيڙي دوران هڪ عورت قتل، جوابدار گرفتار نه ٿيو

خانپور مهر جي ڳوٺ ڪيهر لنڊ ۾ گهرو اڻبڻت تان ٻن ڀائرن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ٺڻن هڪٻئي تي لنٺين جو وسڪارو لائي ڏنو. جهيڙو تارڻ لاءِ وچ ۾ آيل هڪ عورت لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٿڏي تي مارجي وئي.

ٻن ڀائر توڪو لنڊ ۽ بشير لنڊ وچ ۾ جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب گهر ڌياڻي مسمات سماڻي مارجي وئي آهي.

اطلاع تي پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش کڻائي خانپور مهر اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو معمولي ڳالهه تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *