خيرپور ۾ قيامت صغرا، ٻي شادي جي شڪ تان عورت گهر ئي اجاڙي ڇڏيو، خيرپور شهر جي آرائين پاڙي ۾ قيامت صغرا، ٻي شادي يا غير عورت سان لاڳاپن جي شڪ ۾ زال مڙس ۽ چئن ٻارڙن کي قتل ڪري گهر اجاڙڻ کانپوءِ پاڻ به شڪي طور آپگهات ڪري ڇڏيو. عورت پاران مرڻ کان اڳ رڪارڊ ڪيل آڊيو پيغام ۾ قتل جو اعتراف، خيرپور شهر ۾ سوڳ وارو ماحول
خيرپور ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) خيرپور شهر جي آرائين پاڙي ۾ قيامت صغرا، ٻي شادي يا غير عورت سان لاڳاپن جي شڪ ۾ زال مڙس ۽ چئن ٻارڙن کي قتل ڪري گهر اجاڙڻ کانپوءِ پاڻ به شڪي طور آپگهات ڪري ڇڏيو. عورت پاران مرڻ کان اڳ رڪارڊ ڪيل آڊيو پيغام ۾ قتل جو اعتراف، خيرپور شهر ۾ سوڳ وارو ماحول، قتل ڪيل شخص جي شڪي ٻي گهر واري به منظر تي اچي وئي. خيرپور شهر جي مشهور آرائين پاڙي ۾ عورت اقصيٰ آرائين مڙس نويد آرائين، پُٽ موسيٰ، احمد علي، علي شير ۽ ڌيءُ مبشريٰ آرائين کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد پاڻ تي به فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي 6 گهر ڀاتين جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا.
واقعي کانپوءِ مڙس ۽ چئن ٻارن کي مبينا طور قتل ڪري آپگهات ڪندڙ عورت جو آڊيو بيان منظر تي اچي ويو آهي، جنهن ۾ عورت اقصيٰ آرائين مڙس نويد ۽ چئن ٻارڙن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات جو اعتراف ڪري رهي آهي. عورت اقصيٰ آرائين آڊيو بيان ۾ چيو آهي ته، ” سندس مڙس ٻي شادي ڪري رهيو انڪري مڙس ۽ ٻارن کي قتل ڪري رهي آهي، پيغام عورت چئي رهي آهي ته مراد اڄڻ جي ڌيءُ سندس گهر تباهه ڪيو آهي. ايس ايس پي خيرپور سردار حسن نيازي چيو آهي ته شروعاتي جاچ لڳي ٿو ته عورت، مڙس ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪيو آهي ۽ عورت گهر ڀاتين کي کاڌي ۾ نشي آور شئي کارائڻ بعد گوليون هنيون آهن، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد حقيقت جو پتو پوندو، عورت کنيل نالن خلاف به جاچ شروع ڪئي آهي.
سنڌسماءَچار