روهڙي:وفاقي حڪومت پنجاب ۾ موجود دهشتگردن جي نرسرين خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري: خورشيد شاهه

Chaudhary NisarKhursheed-shah AAA

قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پنجاب حڪومت ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو آهي ته، وفاقي حڪومت پنجاب ۾ دهشتگردن جي نرسرين خلاف ڪارروائي نه ڪري رهي آهي، راحيل شريف به وزيراعظم پاران نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو ذڪر ڪيو، ملڪي صورتحال رڳو اندروني نه آهي پر پرڏيهي پاليسي به مسئلو آهي، دنيا پاڪستان جي ايٽمي طاقت کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿي. روهڙي جي علائقي علي واهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد چيو ته دهشتگردن جون نرسريون پنجاب ۾ آهن پر وفاقي حڪومت انهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف به نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل نه ٿيڻ جو ذڪرڪيو هو. سندس چوڻ هو ته گهرو وزارت هجي يا وزير اعظم ناڪامي حڪومت جي هوندي آهي .هن چيو ته پ پ کي ايندڙ چونڊن ۾حصو وٺڻ کان روڪڻ ۽ من پسند پارٽين کي کٽائڻ لاءِ ملڪ ۾ خوف وارو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ ڪير به محفوظ ناهي، دهشتگردي خلاف متحد ٿي جنگ وڙهڻي پوندي….

About

Check Also

روس خلاف جنگ دوران جهاد جي نالي تي اتحادي، هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويا

پاڪستان آرمي جو سخت جواب، 200 کان وڌيڪ طالبان مارجي ويا، چيڪ پوسٽن تي به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *