رينجرز جا اختيار15 اپريل تي ختم ٿيندا، گهرو کاتي اختيار وڌائڻ واري سمري وڏي وزير کي موڪلي ڇڏي

rangers 2 rangers 1

رينجرز کي سنڌ ۾ پوليسنگ وارن اختيارن جو مدو 15 اپريل تي پورو ٿي رهيو آهي، گهرو کاتي رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ سمري وڏي وزير کي اماڻي ڇڏي آهي، وڏي وزير کي اماڻيل سمري ۾ رينجرز جي پوليسنگ وارن اختيارن جو دائرو رڳو ڪراچي تائين محدود رکڻ جو چيو ويو آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي پاران وڏي وزير کي اماڻيل سمري ۾ چيو آهي ته رينجرز جي مقرريءَ وارن اختيارن جو مدو 15 اپريل  تي ختم ٿي رهيو آهي.

گهرو کاتي پاران اماڻيل سمري ۾ چيو ويو آهي ته، رينجرز جي پوليسنگ وارن اختيارن جو مدو 15 اپريل تي ختم ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ واڌ ڪئي وڃي.

وڏي وزير کي اماڻيل سمري ۾ گهرو کاتي واضع ڪيو آهي ته رينجرز جي پوليسنگ وارن اختيارن ۾ واڌ کي صرف ڪراچي تائين محدود رکيو وڃي.

گهرو کاتي پاران موڪليل سمري ۾ چيو ويو آهي ته، سمري منظور ڪري رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن 13 اپريل تي جاري ڪيو وڃي، جيئن رينجرز پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي، جڏهن ته رينجرز جي سنڌ ۾ مقرري وارا اختيار اڳ ئي موجود آهن.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جو ويزن، خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش

سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *