سامارو جي تعلقي اسپتال سهولتن کان وانجهيل،ڳوٺاڻن جو احتجاج

سامارو جي تعلقي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ عملي جي غيرحاضري تي ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.ڳوٺ الھداد چانڊيو جي رهواسين  مير دوست چانڊيو، محمد علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾تعلقا اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرياڻي جي غير حاضري خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات عورت مسمات سورٺ زال محمد علي چانڊيو کي تعلقي اسپتال سامارو ۾ ڊليوري لاءِ آندو ته ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرياڻي چيو ته عورت کي ڪنهن خانگي اسپتال کڻائي وڃو، هتي ڪا به سهولت موجود ناهي، جنهن بعد بغير ڪنهن ڊاڪٽرياڻي جي عورت جي تعلقي اسپتال ۾ ڊليوري ٿي. هنن سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي کان اپيل ڪندي چيو ته اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند ۽ ڊاڪٽرياڻي جي غير حاضري جو نوٽيس وٺي کين قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *