سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر سائل آزاد وڇڙي ويو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌي ۽ اردو ٻولي جو ناميارو شاعر سائل آزاد بيماري وگهي وڇڙي ويو، جنهن تي ادبي حلقن ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي آهي. نامياري اديب، شاعر سائل آزاد ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 80 ورهين جي عمر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سائل آزاد ڪافي عرصي کان بيماري وگهي بستري ڀيڙو هو، جڏهن ته گذريل هفتي طبيعت وڌيڪ بگڙڻ سبب کيس ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هو هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪري ويو آهي. سائل آزاد پنهنجي سموري عمر سنڌي ادب کي ارپي ڇڏي، هن غزل، نظم،  بيت، وائي ۽ ٻين مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي. سائل آزاد 5 ورهيه اڳ سنڌي ادبي بورڊ اختيارين کي شعري مجموع شايع ڪرڻ لاءِ ڏنو جيڪو هن وقت تائين شايع ٿي نه سگهيو آهي، جڏهن ته ان کان سواءِ سندس ڪيترائي اڻ ڇپيل مجموعا موجود آهن. سائل آزاد جي لاڏاڻي جي خبر تي ادبي حلقن ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي آهي، قلم ڌڻين جو چوڻ آهي ته سائل جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، سندس خدمتون هميشه لاءِ ياد رکيون وينديون.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *