سنڌ جي سڌ سماءَ واري کاتي ۾ 5 ارب 77 ڪروڙ ڪرپشن، سموريون درخواستون گڏي ٻڌيون وينديون: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ، سڌ سماءَ کاتي ۾ 5 ارب 77 ڪروڙ رپيا ڪرپشن واري معاملي ۾ سموريون درخواستون گڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب ريفرنس ۾ نامزد سڌ سماءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري ذوالفقار شالواڻي، سارنگ چانڊيو، گلزار ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏنا ته ٻين جوابدارن به درخواستون داخل ڪرايو آهن، سڀني کي گڏ ٻڌنداسين. عدالت، سموريون درخواستون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جو ويزن، خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش

سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *