سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جي ڌاڙي خلاف خاموش پيپلزپارٽي-اصغر آزاد

سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڀارت کي سخت نتيجن جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته، معاهدو نه به هجي تڏهن به پڇڙيءَ وارن جو پاڻي بند يا روڪڻو ناهي.
ڄام خان شورو صاحب سئو سيڪڙو سهي. ڀلا ڏي خبر پاڪستان جي حد ڪيستائين آهي؟ سنڌ پاڪستان جي حدن ۾ اچي ٿي؟ ڇا سنڌ، سنڌو درياءَ جي پڇڙيءَ ۾ اچي ٿو؟
جيڪڏهن ٻنهي سوالن جو جواب ها ۾ آهي ته پوءِ پنجاب ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي جنهن جا ٻه وڏا ذريعا چشما جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ/ فلڊ ڪئنال آهن ( اهي ڪئنال ڪنهن ٺهرايا هئا؟ انهن م توسيع-واڌ ڪنهن ڪئي هئي اهو الڳ بحث آهي). اهي ٻارهو ئي وهندا رهن ٿا؛ آخر ڇو؟ پاڻي تي ڌاڙي سبب سنڌ جون لکين ايڪڙ آباد زمينون (ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جو الميو ته الڳ آهي) ويران ٿي ويون آهن. اهي ڪئنال رُڳو ن ليگ يا پي ٽي آء جي حڪومتن ۾ ئي نه پر پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومتي دورن ۾ به وهندا رهيا آهن. ارسا ۾ پنجاب جو ميمبر سڀني صوبن خاص طور سنڌ جي نالي ماتر اعتراضن کي ڪڏهن به خاطر م ناهي آندو ۽ سنڌ حڪومت سکڻا خط لکڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪندي…. آخر ڇو؟
سنڌسماءَچار