سکر ۾ 6 ورهين جو نينگر پوليو جي مرض ۾ مبتلا

سکر( سنڌسماءَچار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) سکر ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي کي پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن چيو ته ٽيسٽون ڪرائڻ بعد خبر پئجي ويندي، علامتن مان پوليو محسوس ٿي رهيو آهي. پنوعاقل جي رهواسي دلدار سميجي جي 6 ورهين جي پٽ انصار علي سميجي کي پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن چيو ته ٻارڙي کي پوليو جو خدشو آهي، وڌيڪ ٽيسٽون ڪرائڻ بعد خبر پئجي ويندي ته پوليو آهي يا نه. ٻارڙي جي والد چيو ته پٽ انصار علي کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا هئا، ان جي باوجود پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.

About

Check Also

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

  ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *