
ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) لياري جي علائقي علي محمد ذڪري پاڙي ۾ رينجرز ۽ جوابدارن جي وچ ۾ مقابلي دوران هڪ جوان شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار به مارجي ويو. رينجرز ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، لياري جي علي محمد ذڪري پاڙي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار گشت تي هئا ته ان تي هينڊ گرنينڊ ۽ جديد هٿيارن سان حملو ڪيو ويو. جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ رينجرز جو جوان فواد شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ رينجرز ۽ پوليس جاوڏا اٽالا طلب ڪيا ويا. ترجمان موجب چوڻ آهي ته دهشتگردن جي قبضي مان هينڊ گرنينڊ،3 عدد ايوان بم، نائين ايم ايم پسٽل، ۽ 2 ميگزين هٿ ڪيا ويا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مقابلي دوران هڪ جوابدار به مارجي ويو. رپورٽ مطابق علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آغا پٺاڻ ۽ غفار ذڪري جي ڀاءَ جي موجودگي تي آپريشن ڪيو ،جنهن دوران جوابدارن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. مقابلي دوران ٽن جوابدارن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.
سنڌسماءَچار