
ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سوشل ميڊيا تي منهنجي ايس ايس پي سان گڏ تصوير تي تبصرا ٿي رهيا آهن، ماڻهو چون ٿا، ” ايس ايس پي جاهل وزير سان گڏ ويٺو آهي. سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته، هڪ ٻن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي منهنجي هڪ تصوير جنهن ۾ ايس ايس پي روحل کوسو به موجود آهي، ان تصوير تي گذريل ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي وڏو بحث هلي رهيو آهي. گهرو وزير اسيمبلي ۾ اظهار ڪندي چيو ته، ان تصوير تي سوشل ميڊيا تي ماڻهو ٿا ته، هڪ پڙهيل لکيل ايس ايس پي، جاهل وزير سان گڏ ويٺو آهي، مان گهرو وزير آهيان؛ آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ٻيا پوليس آفيسر منهنجي ماتت آهن.
سنڌسماءَچار