
سيوهڻ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن کانپوءِ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جون دهشتگردن خلاف ڪاروايون جاري آهن. فورسز جي ڪرم ايجنسي سميت مختلف علائقن ۾ ڪارروايون11 دهشتگرد مارجي ويا ڪرم ايجنسي واري علائقي پاڙا چمڪني ۾ سڪيورٽي فورسز جي مقابلي ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 سڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگرد افغانستان مان ڪرم ايجنسي واري علائقي ۾داخل ٿي رهيا هئا ته مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي..
سنڌسماءَچار