ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا: سيڪيورٽي فورسز جي ڪرم ايجنسي سميت مختلف علائقن ۾ ڪارروايون11 دهشتگرد مارجي ويا

Kuram Agency2

سيوهڻ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن کانپوءِ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جون دهشتگردن خلاف ڪاروايون جاري آهن. فورسز جي ڪرم ايجنسي سميت مختلف علائقن ۾ ڪارروايون11 دهشتگرد مارجي ويا ڪرم ايجنسي واري علائقي پاڙا چمڪني ۾ سڪيورٽي فورسز جي مقابلي ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 سڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگرد افغانستان مان ڪرم ايجنسي واري علائقي ۾داخل ٿي رهيا هئا ته مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي..

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *