سنڌ حڪومت نسلا ٽاور وارو پلاٽ الاٽ ڪرڻ ۽ ان جي اڏاوت واري ڪيس ۾ نامزد ڪيل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي منظور ڪاڪا سميت 22 جوابدارن خلاف ثبوت پيش ڪرڻ ناڪام، عدالت منظور ڪاڪا سميت 22 ڪامورن ۽ عملدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت نسلا ٽاور وارو پلاٽ الاٽ ڪرڻ ۽ ان جي اڏاوت واري ڪيس ۾ نامزد ڪيل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي منظور ڪاڪا سميت 22 جوابدارن خلاف ثبوت پيش ڪرڻ ناڪام، عدالت منظور ڪاڪا سميت 22 ڪامورن ۽ عملدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. ڪجهه سال اڳ سپريم ڪورٽ پاران غيرقانوني قرار ڏئي ڊاٿل نسلا ٽاور ڪيس ۾ ڪرپشن جي خاتمي واري عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ايس بي سي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل منظُر ڪاڪا سميت 22 ڪامورن ۽ ٻين عملدارن کي بيقصو قرار ڏئي کين باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي.
صوبائي اينٽي ڪرپشڻ ڪورٽ جي جج سميع الله صديقي نسلا ٽاور ڪيس جي فيصلي ۾ چيو آهي ته، پراسيڪيوشن( سنڌ حڪومت جي قانون وارو کاتو) ڪيس ۾ ملزم ڄاڻايل ايس بي سي اي جي اڳوڻي ڊي جي منظور قادر ڪاڪا، اڳوڻي ڊائريڪٽر علي مهدي ڪاظمي، اڳوڻي ڊائريڪٽر علي غفران، ڊپٽي ڊائريڪٽر سميع صديقي ۽ علي ظفر جعفري سميت ٻين خلاف نسلا ٽاور واري پلاٽ ۽ اڏاوت وارن معاملن ۾ ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو، پراسيڪيوشڻ پاران ملزمن خلاف ثبوت پيش نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ عدالت سمورن جوابدارن کي ڄاڻايل ڪيس مان باعزت بري / آجو قرار ڏئي ٿي.

نسلا ٽاور ڪيس ۾ آگسٽ 2023 ۾ ڪيس جي جوابدار ايس بي سي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل منظور قادر ڪاڪا کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو هو. احتساب جج نسلا ٽاور بلڊرز کي اضافي زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ جي ڪيس ۾ ضمانت رد ڪئي هئي. منظور ڪاڪا تي نسلا ٽاور جو نقشو غيرقانوني طور تي پاس ڪرڻ ۽ 700 اسڪوائر گز کان 1100 اسڪوائر گز تائين غيرقانوني بلڊنگ جي زمين وڌائڻ جو الزام هو، جنهن پلاٽ تي سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ شاهراهراه فيصل ۽ شاهراهراهه قائدين جي سنگم واري پرائيم لوڪيشن تي جيسروس روڊ تي قبضو/ حددخليون ڪيون ويون. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ڪاڪا ايس بي سي اي ڊي جي هو جڏهن اضافي زمين غير قانوني طور نسلا ٽاور بلڊرز کي الاٽ ڪئي وئي هئي. نسلا ٽاور ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي تڏهوڪي چيف جسٽس گلزار احمد 2021ع ۾ اينٽي انڪروچمينٽ ڪيس ۾ نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نسلا ٽاور ڊاهڻ تي نومبر 2021ع ۾ عمل شروع ڪيو ويو جيڪوفيبروري 2022ع ۾ مڪمل ٿيو.
اڳوڻي چيف جسٽس گلزار پاران غيرقانوني طور تي تعمير ٿيل عمارت ڊاهڻ جو حڪم جاري ٿيڻ بعد سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي پاران بي گهر ٿيل 44 خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو.
سنڌسماءَچار