نواز شريف کي انتظار آهي ته ڪو ڌماڪو ٿئي ۽ نظام ڊانواڊول ٿي وڃي: اعتزاز احسن

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناليواري قانوندان ۽ پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف آپگهاتي جيڪيٽ پائي آئيني ۽ قانوني طور تي ڄڻ ته آپگهاتي جيڪيٽ پائي ڇڏي آهي ۽ کيس انتظار آهي ته ڪو ڌماڪو ٿئي ۽ نظام ڊانواڊول ٿي وڃي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اعتزازا احسن چيو ته، عدالتن جو اڄ به نواز شريف تي هلڪو هٿ آهي، نواز شريف اڃاتائين ته  عدليه جي خاموشي، صبر ۽ نرم رويي جو فائدو وٺي رهيو آهي. ان جي خواهش آهي ته ڪو ڌماڪو ٿي پوي ۽ موجوده نظام ڊانوانڊول ٿي وڃي. اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته، ميان نواز شريف هن  وقت آڦگهاتي بمبار جيان آپگهاتي جيڪيٽ پائي گهمي رهيو آهي. هن چيو ته آئيني، قانوني ۽ اخلاقي حوالي سان مني لانڊرنگ کان وڌيڪ اقامو خطرناڪ ڏوهه آهي. اهڙين حالتن ۾ هاڻي سوال اهو پيدا ٿي رهيو آهي ته ڏوهاري پارٽي سربراهه بڻجي سگهي ٿو؟. هن چيو ته نواز شريف جو جي ٽي روڊ تي جلوس ناڪام ٿيو، کيس جي ٽي روڊ تي تقرير تي ئي عدالت گهرايو وڃي ها پر نواز شريف کي ڍَرَ ڏني وئي، تنهن ڪري هو هوائي گهوڙي تي سوار ٿيو آهي.

About

Check Also

روس خلاف جنگ دوران جهاد جي نالي تي اتحادي، هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويا

پاڪستان آرمي جو سخت جواب، 200 کان وڌيڪ طالبان مارجي ويا، چيڪ پوسٽن تي به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *