نيب لاهور پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو

لاهور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب لاهور پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي 4 جون تي طلب ڪري ورتو، نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف کان صاف پاڻي پراجيڪٽ ڪيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. نيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي 4 جون تي طلب ڪيو ويوآهي. نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف کان صاف پاڻي پراجيٽ ڪيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. ذريعن موجب نيب طرفان شهبازشريف کي سوالنامو به موڪليو ويو آهي. نيب پنجاب ۾ صاف پاڻي پراجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ ڪري رهيو آهي جنهن ۾ اڄ پنجاب جي ناڻي واري وزير عائشه غوث پاشا پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *