اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وڏي عرصي کان پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ ۾ هلندڙ تڪرار وارو ماحول گڏيل مخالف ڌر جي اتحاد طرف وڌڻ لڳو آحي، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ آصف زرداري ۽ شهباز شريف اپوزيشن ليڊر جي چئمبر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات بعد ٻئي ڄڻا گڏجي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جيئن ئي ايوان ۾ داخل ٿيا ته ٻنهي پارٽين جي ميمبرن ڊيسڪ وڄائي سندن آڌر ڀاءُ ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول جي يو آءِ پاران سڀاڻي اربع تي ٿيندڙ اي پي سي ۾ به شرڪت ڪندا. عام چونڊن کان پوءِ پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ وچ ۾ سياسي لاڳاپن تي ڄميل برف پگهرجڻ شروع ٿي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ پارليامينٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي چئمبر ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري شهباز شريف وٽ وڃي ساڻس ملاقات ڪئي. ن ليگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻن آصف ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات جو بندوبست ڪيو، جنهن لاءِ آصف زرداري کي پ پ جي هڪ سينئر اڳواڻ راضي ڪيو. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، 31 هين آڪٽوبر اربع ڏينهن (سڀاڻي) جي يو آءِ پاران سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ به پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف زرداري پارٽي اڳواڻن سان گڏ شرڪت ڪندا. ان سلسلي ۾ پ پ جي هڪ سينئر اڳواڻ جو چوڻ آهي ته، ملاقات دوران آصف زرداري شهباز شريف کي ان شرط تي اي پي سسي ۾ شرڪت جي پڪ ڏياري آهي ته جيڪڏهن نواز شريف پاڻ اي پي سي ۾ ايندو ته پوءِ هُو به بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ شرڪت ڪندو، جيڪڏهن نواز شريف نه آيو ته پوءِ پ پ پ جا سينئر اڳواڻ وفد جي صورت ۾ اي پي سي ۾ شريڪ ٿيندا.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …