پرويز مشرف 4 هزار پاڪستانين کي گرفتار ڪري ٻين ملڪن حوالي ڪري ڊالرز ورتا: جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال

پرويز مشرف                                                      جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف پنهنجي حڪومتي دور ۾ مختلف الزامن هيٺ 4 هزار پاڪستانين کي مختلف ملڪن جي حوالي ڪرڻ جو انڪساف ٿيو آهي. گم ٿيل ماڻهن بابت جوڙيل ڪميشن ۽ نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف لڳ ڀڳ 4 هزار ملڪي شهرين کي ٻين ملڪن حوالي ڪيو،  مشرف حڪومت پاڪستاني شهرين بدلي آمريڪي ڊالرز وصول ڪيا.  انساني حقن بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته پاڪستاني شهرين کي ٻين ملڪن جي حوالي ڪرڻ جي ڳجهي ڪارروائيءَ ۾ اڳوڻو گهرو وزير آفتاب احمد شيرپائو به شريڪ رهيو، سڀ کان وڌيڪ ملڪي شهري آمريڪا حوالي ڪيا ويا. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪي قانون ۾ اهڙيءَ طرح جي بَي دخلي بابت ڪا به شق ناهي، جڏهن ته پارليامينٽ سميت ڪنهن به پرويز مشرف ۽ آفتاب شيرپائو جي انهن ڪاررواين خلاف آواز بلند نه ڪيو.

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *