پڪاچانگ ۾ پرائيم انسٽيٽيوٽ آف ڪومپيٽيٽواسٽڊيز پاران 6 مارچ تي سيمينار ٿيندو

فيض گنج ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پڪاچانگ شهر ۾ قائم پرائيم انسٽيٽيوٽ آف ڪومپيٽيٽواسٽڊيز پاران ڇهين مارچ تي سيمينار رٿيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالغني شر جو چوڻ آهي ته، سيمينار ۾ مختلف شعبن تي لاڳاپيل فيلڊس جا ماهر ليڪچرز ڏيندا. سيمينار ۾ شاگردن کي ڪيريئر ڊيولپمينٽ سميت مختلف شعبن جي  چٽاڀيٽي وارن امتحانن بابت پڻ ڄاڻ ڏني ويندي. سندس چوڻ آهي ته، اسان جو مقصد تعليم کي عام ڪرڻ ۽ نوجوانن ۾ چٽاڀيٽي وارن امتحانن لاءِ نه رڳو همٿائڻ آهي پر انهن کي ڪيريئر ڊيولپمينٽ بابت به مڪمل ڄاڻ ۽ رهنمائي پهچائڻ آهي. عبدالغني شر جو چوڻ آهي ته، پي آءِ سي ايس ڪاليج ۾ مختلف شعبن ۾ داخلائون پڻ ڪيون پيون وڃن، ان لاءِ شاگردن کي بهتر تعليم جي حاصلات لاءِ فوري طور تي رابطي ۾ اچڻ گهرجي.

About

Check Also

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

  ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *