ڪراچي صرف سنڌين، بهارين ۽ پٺاڻن جو نه پر سڀني جو آهي: ف ليگ اڳواڻ راشد شاهه راشدي

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ صرف سنڌين، پٺاڻن ۽ بهارين جو نه پر سڀني جو شهر آهي، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ليگ جي مرڪزي اڳواڻ سيد راشد شاهه ڪراچي ۾ حليم جي دعوت ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته پرامن شهر ڪراچي ۾ اڄ ڪير به سڪون سان نه ٿو رهي، مهاجر مهاجر نه پر مالڪ آهن، ڪراچي صرف سنڌين جو ناهي، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته ڪراچي صرف سنڌين، پٺاڻن يا بهارين جو ٿي وڃي يا آهي، پر ڪراچي سڀني جو آهي. راشد شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياست سڀني جي سامهون آهي، ڪير نٿو ڄاڻي ته ڪراچي وارن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف ڪنهن نه ڏني. ڪراچي وارن آڏو فنڪشنل ليگ جو ڀوائتو چهرو ڪري پيش ڪيو ويو جيڪو سراسر غلط ۽ ڪوڙي واويلا هئي، اسان ٻين وانگر زبردستي ڪنهن کي به پنهنجو ڪرڻ وارا ناهيون.
سنڌسماءَچار