ڪراچي واسين لاءِ وڏي خوشخبري….!!

ڪراچي(چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪراچي شهر جي رهواسين لاءِ وڏي خوشخبري، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ 7 رپيا 60 پئسا في يونٽ سستي ڪري ڇڏي آهي. نيپرا جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڪي اليڪٽرڪ جي مالي سال 2024 کان 2030 تائين ملٽي ايئر ٽيرف وارين نظرثاني درخواستن تي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، نيپرا ڪي اليٽرڪ جو ٽيرف 39 رپيا 97 پيسن مان گهٽائي 32 رپيا 37 پئسا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي. نيپرا موجب رائيٽ آف ڪليمز تحت اٿارٽيءَ جو ساڳيو فيصلو برقرار آهي، هيءُ فيصلو ڪي اليڪٽرڪ جي جنريشن، ٽرانسميشن، ڊسٽريبيوشن سپلاءِ بابت آهي.

About admin

Check Also

صدر آصف زرداري جو ويزن، خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش

سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *