Sunday , February 23 2025

ڪراچي ۾ اڄ طوفاني مينهنَ جو امڪان، مهاڻن کي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي صلاح

Karachi barsat 01

سانوڻي جي مينهنَ جو نئون سلسلو اڄ ڪراچي جي راڄڌاني سميت حيدر آباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ شهيد بينظير آاباد ڊويزنن ۾ داخل ٿي رهيو آهي. موسميات کاتي جي اڳڪٿي مطابق، سانوڻي جي مينهن جو ڀارت ۾ شروع ٿيل نئون سلسلو اڄ اربع ڏينهن ڪراچي مان سنڌ ۾ داخل ٿيندو. تيز هوائن سان طوفاني مينهن ڪراچي کانسواءِ حيدرآباد، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ سکر ڊويزنن جي اڪثر علائقن ۾ وسندو. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي تهي سانوڻي جي مينهنَ جو هي نئون سلسلو 2 سيپٽمبر تائين جاري رهندو.

ڪراچي ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ طوفاني مينهنَ جي اڳڪٿيءَ کانپوءِ فشريز ۽ جهنگلي جيوت واري کاتي پاران ڪراچي، ٺٽو ۽ بدين جي مهاڻن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اُهي 30 هين آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين مڇي جي شڪار لاءِ سمنڊ ۾ نه وڃن.

ٻي طرف اڱاري ڏينهن ڪراچي ۾ صدر، شاهراهه فيصل، گلشن اقبال، گلستان جوهر، نارٿ ناظم آباد، ماڙيپور، گلبائي، شيرشاهه، کارادر، لياري ۽ آءِ آءِ چيندريگر روڊ سميت اڪثر علائقن ۾ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلڪو مينهنُ وسندو رهيو. ڪراچي ۾ مينهن وسڻ دوران ڪيترن ئي علائقن جي رستن تي پاڻي بيهجي ويو جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ سوين گاڏيون رستن تي ڦاٿل رهيون ، شهرين کي منٽن وارو سفر ڪلاڪن ۾ طئه ڪرڻو پيو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *