بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف ۽ عمران خان کي ايندڙ چونڊن ۾ ڪراچي مان مقابلي جو چئلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري؛ نواز شريف ۽ عمران خان کي چئلينج ڪيو آهي ته اهي ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جو ڪراچي ۾ مقابلو ڪن ته کين خبر پئجي ويندي ته عوام کين ڪيتري موٽ ڏئي ٿو. بلاول ڀٽي زرداري. شهباز شريف شريف ۽ عمران خان ڪراچي مان چونڊون وڙهن ته ٻنهي کي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين. هن چيو ته شهباز شريف کي ماڊل ٽائون سانحي، ملتان ميٽرو ۽ آشيانه هائوسنگ اسڪيم جو حساب ڏيڻو آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عوام کي ” ڇو ڪڍيو“ سان ڪو به مقصد ناهي، پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوامي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته عدالت ۽ پارليامينٽ جي بدران پيپلز پارٽي هميشه عوام سان گڏ رهي آهي، ميمو گيٽ اسڪينڊل هڪ ڪوڙو ڪيس هو، پاناما ڪيس تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نواز شريف ميمو گيٽ اسڪينڊل کي زندهه ڪري رهيو آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *