ڪي ڊي اي ۾ ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ، ڊي جي ناصر عباس کانپوءِ هڪ ٻي اهم گرفتاري

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي سوڪ سينٽر واري آفيس تي ڇاپو هڻي، ڪرپشن ڪرڻ ۽ مني لانڊرنگ ۾ سهولتڪاري جي الزام هيٺ ڊائريڪٽر عبيدالله کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب جي ٽيم عبديالله جي آفيس تي ڇاپو هڻي کيس سوگهرو ڪيو آهي، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته، اڳ ۾ ئي گرفتار ٿيل ڪي ڊي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ناصر عباس کان ڪيل پڇاڳاڇا دوران مليل شاهدين جي بنياد عبيدالله کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي پاران آڪوٽبر مهيني دوران گرفتار ڪيل ڪي ڊي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ناصر عباس کي ڪرپشن جي الزام تي حراست ۾ ورتو هو جنهن کي نيب جي حوالي ڪيو ويو. جيو نيوز موجب نيب اختيارين اڄ ناصر عباس کي هٿڪڙيون هڻي سوڪ سينٽر ۾ ڪي ڊي اي جي آفيس کڻي آئي ۽ ان جي نشاندهي تي سموري ڪارروائي عمل ۾ آندي. نيب ڊائريڪٽر ڪي ڊي اي عبيدالله کي گرفتار ڪري اهم رڪارڊ تحويل ۾ وڍي ڇڏيو جڏهن ته ان دوران ڪي ڊي اي جي مختلف آفيسرن کان پڇا ڳاڇا به ڪئي وئي. ذريعن ٻڌايو ته نيب اهلڪارن ڪي ڊي اي جي چارجڊ پارڪنگ ۽ ريڪارڊ روم سميت مختلف ڪمرن جي جهڙتي ورتي ۽ ريڪارڊ روم جي انچارج ڪامران کي گرفتار ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

قبيلائي ۽ ڪاروڪاري تڪرارن جا جرڳا؛ چيف جسٽس سنڌ، توهين عدالت جو نوٽيس وٺي _اصغر آزاد

ڪنهن کي به خبر نه هئي ته 20سال اڳ پسند / عدالتي پرڻو ڪندڙ ڏهرڪي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *