گهوٽڪي: پوليس جو مختلف علائقن ۾ ڪارروايون،3 ڏوهاري مارجي ويا، ڪيترائي گرفتار

گهوٽڪي:

گهوٽڪي مان اسڪولي ٻار کڻي ويندڙ ڪوسٽر خانڳڙهه ويجهو ڪار سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 27 شاگردن سميت 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا، وي آءِ پي موومينٽ سبب زخمي شاگردن کي اسپتال پهچائڻ وارو آپريشن متاثر ٿيو، ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش چيو آهي ته وڏي وزير جي گذري وڃڻ کانپوءِ حادثو پيش آيو، ٻارڙن کي اسپتال پهچائڻ ۾ دير جو وي آءِ پي موومينٽ سان ڪو به تعلق نه آهي.
گهوٽڪي کان اسڪولي ٻارن کي کڻي ويندڙ ڪوسٽر خانڳڙهه ويجهو سامهون ايندڙ ڪار سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار پنج ڄڻا ۽ ڪوسٽر ۾ سوار 27 شاگرد زخمي ٿي پيا.
ڪار سوار پنج ڄڻن جي سڃاڻپ منور جتوئي، دوود بوزدار، نياز حسين ڪورائي، سهراب جتوئي ۽ گلزار احمد جتوئي جي نالن سان ٿي آهي، پنجن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ۽ کين اسپتال پهچايو ويو، جڏهن ته وي آءِ پي مومينٽ سبب زخمي ٻارن کي اسپتال پهچائڻ واريون ڪارروائيون سخت متاثر ٿيون.
ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.
مسعود بنگش موجب ٻارڙن کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ دير جو سبب وي آءِ پي مومينٽ نه هئي، ڇاڪاڻ ته وڏو وزير حادثي کان اڳ ئي اتان گذري چُڪو هو.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *