۽ سوز هالائي به وڇڙي ويو، مڙهه مٽي ماءُ حوالي ۽ هالا ۾ سوڳ

حيدر آباد ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌي زبان جو حساس ۽ خوبصورت شاعر سوز هالائي 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حُالي ڪيو ويو. سوز هالائي هن ساز ۽ آواز جي حوالي سان مجموعي طور 5 ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن ۾ ڪارو وس قيام، رنگ رتا پيچرا، درشن ڌارائون ۽ قوي جي ڪٿا شامل آهن. سوز هالائي حيدر آباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل هو. سوز هالائي  ڊگهي عرصي کان ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا هو، 4 ڏينهن وينٽي ليٽر تي رهڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو. سوز هالائي نه رڳو شاعر پر سنڌي سنگيت جو وڏو پارکو ۽ ڄاڻو به هو. هن ساز ۽ آواز جي حوالي سان مجموعي طور 5 ڪتاب لکيا، جن ۾ سنگيت بابت ڪارو وس قيام، شاعري ۾ رنگ رتا پيچرا، درشن ڌارائون ڌار ۽ قوي جي ڪٿا شامل آهن. سوز هالائي جي تدفين پراڻي هالا ۾ قائم سندس اباڻي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سيوهڻ ۾ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام مافيا جي حملي ۾ نوجوان جي ڄنگهه ضايع

سيوهڻ / ڪراچي ( خاص نمائندو / چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) مستحق عورتن جي مالي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *