آءِ جي سنڌ جو مٺي ۾ قتل ٿي ويل ڀائرن جي وارثن کي فون

مٺي (سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ٿر ۾ قتل ٿيل ٻن هندو ڀائرن جي وارثن سان فون تي رابطو ڪري کين انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. اي ڊي خواجا چيو آهي ته قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي، ڪيس ۾ جيڪڏهن ڪو به بااثر يا معتبر ملوث به هوندو ته ان کي به نه بخشيو ويندو، مقتولن جي وارثن کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته قاتلن کي جلد عوام اڳيان وائکو ڪيو ويندو، مان پاڻ مٺي اچي مقتولن جي وارثن سان تعزيت ڪندس پر قاتلن کي سزا ڏيڻ کانپوءِ تڏي تي اچڻ مناسب سمجهان ٿو.

 

About

Check Also

سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جي ڌاڙي خلاف خاموش پيپلزپارٽي-اصغر آزاد

سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جي ڌاڙي خلاف خاموش پيپلزپارٽي-اصغر آزاد سنڌ جي آبپاشي کاتي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *