اسلام آباد: بلاگرز خلاف ڪيس داخل ٿيڻ ۾ ڪا به سچائي ناهي: چوڌري نثار جي وضاحت

اسلام آباد:

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار گم ٿيل بلاگرز بابت ميڊيا رپورٽس ۽ سوشل ميڊيا تي جاري پروئگينڊا جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته گم ٿيل بلاگرز تي ڪيس داخل ٿيڻ وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، حڪومت سندن خيريت سان بازيابي تي سمورو ڌيارن ڏئي رهي آهي.
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري نثار چيو ته گم ٿيل بلاگرز بابت ميڊيا رپورٽس ۽ سوشل ميڊيا تي جاري پروپئگينڊا ۾ ڪا به صداقت نه آهي.
چوڌري نثار چيو ته بلاگرز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واريون خبرون کِل جوڳيون ۽ غير سنجيده آهن، ڪجهه عنصرن جو غلط ڄاڻ شايع ڪرڻ جو مقصد معاملي کي وڌيڪ منجهائڻ آهي.
وفاقي گهرو وزير چيو ته ناڪاري پروپئگينڊا ۽ غلط ڄاڻ شايع ڪرڻ بي حسي جو واضح ثبوت آهي، گم ٿيل بلاگرز جي بازيابي جي سلسلي ۾ هر ممڪن ڪوشش جاري آهي، حڪومت جو سمورو ڌيان ان تي ئي آهي.

About

Check Also

 اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جيترو هلي سگهياسين هلياسين، پر سنڌسماءَچار بند نه ٿيڻ گهرجي

سنڌسماءَچار وڪري لاءِ لڳ ڀڳ گذريل 11 ورهين کان نيوز ويب سائيٽ سنڌسماءَچار پنهنجي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *