اسلام آباد: وفاقي نجڪاري ڪميٽي پاڪستان اسٽيل ملز کي ليز تي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، مملڪتي وزير محمد زبير چيو آهي ته اسٽيل ملز جو خريدار نه ملڻ سبب ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حتمي منظوري ڪابينا جي نجڪاري ڪميٽي ڏيندي. وفاقي نجڪاري ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين محمد زبير جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پاڪستان انشورنس ڪمپني جي نجڪاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس بعد ميڊياسان ڳالهائيندي محمد زبير جو چوڻ هو ته ٻن ڪمپنين پاڪستان اسٽيل ملز کي ليز تي وٺڻ لاءِ دلچسپي ڏيکاري آهي ۽ اداري لاءِ خريدار نه ملڻ سبب ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. محمد زبير جو چوڻ هو ته اسٽيل ملز کي ليز تي ڏيڻ واري فيصلي جي حتمي منظوري نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي ڏيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز کي 30 سالن جي لاءِ ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
Tags on lease Pakistan Steel Mills
Check Also
نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي
ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …