بدين جي سامونڊي علائقي مان گئس يا تيل جا ذخيرا-پاڻي تي ڦوٽا، 15ارب رپيا لڙهي ويا

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) بدين ضلعي جي حدن ۾ گهري سمنڊ اندر تيل ۽ گئس هجڻ واري حڪومتي دعويٰ پاڻيءَ تي ڦوٽن جيان ثابت ٿي آهي، پيٽروليم ڊويزن  جي ذريعن قبول ڪري ورتو آهي ته، 15 ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت سان ڪيل ڊرلنگ باوجود تيل ۽ گئس جا ڪي به ذخيرا ناهن مليا انڪري وڌيڪ ڊرلنگ وارو ڪم بند ڪري ڪيل ڊرلنگ وارا سوراخ بند ڪيا پيا وڃن. پيٽروليم ڊويزن جي اختيارين موجب سمنڊ جي ڪيڪڙا – ون واري مقام تي اونهي سمنڊ ۾ هلندڙ سال جي جنوري مهيني دوران شروع ڪيل ڊرلنگ دوران 5 هزار 500 ميٽرز کان وڌيڪ ڊرلنگ ڪئي وئي ۽ ان جو تجزيو به ڪيو ويو، جنهن مان تيل ۽ گئس جا ذخيرا نه هجڻ جي پڪ ٿي وئي آهي، اهڙي پڪ ٿيڻ کانپوءِ ڊرلنگ وارو ڪم بند ڪيو ويو آهي. او جي ڊي سي ايل جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊرلنگ واري منصوبي تي 15 ارب رپين کان وڌيڪ جي هڪ وڏي رقم خرچ ڪئي وئي آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *