ڪراچي ۾ فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرڻ ۽ غير قانوني اڏاوتون ڊاهڻ لاءِ رينجرز کان مدد طلب

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل، شهر ۾ غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ ۽ فلاحي پلاٽن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ڊي جي رينجرز کان مدد گهري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ پاران شهر ۾ فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ وارو حڪم جاري ڪرڻ بعد ڊي جي ايس بي سي اي رينجرز جي ڊائريڪٽر جنرل کي خط لکي مدد گهري آهي. ايس بي سي اي جي ڊي جي پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته، ڪراچي جي اسڪيم 33 سميت سڄي شهر جي فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ لاءِ نفري جي ضرورت آهي.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *