Monday , March 31 2025
Breaking News

بلديا ۾ نالي جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 2 پورهيت فوت

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَ چار) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ گٽر نالي ۾ صفائي دوران 3 صفائي ڪندڙ ڪارڪن ٻڏي ويا،جن مان 2 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻي کي بيهوشي جي حالت ۾ بچايو ويو. ڪراچي جي ڏوراهين علائقي  بلديا ٽائون  جي 24 مارڪيٽ  روبي موڙ ويجهو گٽر نالي جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.جڏهن ته هڪ پورهيت بيهوش ٿي ويو،ايڌي ذريعن جو چوڻ آهي ته  کيس سول اسپتال نيو ويو. ٻئي طرف  فيڊرل بي ايريا واري علائقي بلاڪ 12 ۾ ڪرين گجر نالي ۾ ڪري پئي،ڪرين حددخلين  جي خلاف آپريشن دوران  گٽر نالي ۾ڪري پئي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *