بينظيرڀٽو قتل ڪيس جي فيصلي خلاف آصف زرداري خلاف اپيل ڪندو: سردار لطيف کوسا

Asif Zardari 02Latif khosa PPP

پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرپرسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، لطيف کوسا، چوڌري منظور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ ميڊِيا کي بريفنگ ڏيندي پنجاب جي اڳوڻي گورنرسردارلطيف کوسو چيو ته آصف اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران آيل فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. لطيف کوسي چيو ته اجلاس ۾ اهو به طئه ڪيو ويو آهي ته، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي خلاف اپيل آصف علي زرداري پاران شهيد بينظير ڀٽو جي شرعي  وارث جي حيثيت ۾ داخل ڪراچي ويندي. راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پاران شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي پنجن جوابدارن کي باعزت بري/آزاد ڪرڻ خلاف ۽ پوليس آفيسرز کي گهٽ سزا ڏيڻ خلاف اپيل داخل ڪرائي ويندي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *