Wednesday , April 23 2025

تبديلي جو زرو جاري، بجلي ٻيهر مهانگي

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت تيزي تبديلي ڏانهن    قدم وڌائيندي دوائن جي مهانگائي کانپوءِ بجلي به مهانگي ڪري ڇڏي آهي. نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 57 پئسا في يونٽ واڌ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب سينٽرل پاور پيرچيزنگ ايجنسي ( سي پي پي اي ) جي درخواست تي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ۾ ٻڌڻي ٿي. نيپرا چيئرمين رحمت الله بلوچ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني اٿارٽي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيپرا بجلي جي اگهن 57 پئسا في يونٽ واڌ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، فيصلي ۾ واهپيدارن تي چار ارب 20 ڪروڙ رپين جي واڌو بار پوندو. ياد رهي ته سي پي پي اي بجلي جي اگهن ۾ 63 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري ڪرونا ۾ مبتلا

ڪراچي (چيف رپورٽر. سنڌسماءَچار) صدر آصف علي زرداري ڪرونا ۾ مبتلا ، هڪ هفتي لاء …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *