راجا پرويز اشرف جو حڪومت کي چونڊن واري معاملي تي هوڏ ڇڏڻ جو مشورو

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف حڪومت کي چونڊن واري معاملي تي هوڏ ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي، چونڊن اوري معاملي تي سپريم ڪورٽ کي به فل ڪورٽ جوڙڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته سياسي معاملا عدالت ۾ کڻي وڃڻ سان عدليه کي به نقصان ٿيندو، چونڊن واري معاملي تي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ وڇوٽيون پيدا ٿيڻ خطرناڪ آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي به چونڊڻ واري معاملي تي فل ڪورٽ جوڙي معاملي کي آئين ۽ حالتن مطابق ڏسڻ گهرجي ته معاملا ٺيڪ ٿي ويندا. راجا پرويز اشرف چيو ته  چونڊن واري معاملي کي هڪ شخص پنهنجي ذاتي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي، حڪومت کي به پنهنجي هوڏ ڇڏڻ گهرجي، سياسي معاملا عدالت ۾ کڻي وڃڻ سان نقصان ٿيندو، سياسي معاملا پارليامينٽ ۾ ويهي حل ڪرڻ گهرجن، ائين نه ٿيڻ گهرجي ته پارليامينٽ ۾ ڪو مسئلو حل نه ٿئي ته ٻاهر وڃي ويهجي، هڪ ڌر ڳالهين لاءِ هڪ هنڌ نٿي اچي ته ٻئي هنڌ تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *