سعودي حڪومت عالمي دٻاءَ بعد صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو اعتراف ڪرڻ جو فيصلو: امريڪي خابرو اداري جي دعويٰ

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) امريڪي خابرو اداري دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو اعتراف ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي، امريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو به سعودي عرب پهتل آهي، سي اين اين جي دعويٰ موجب سعودي اختياريون پومپيو سان ملاقاتن بعد اهڙو اعلان ڪري سگهن ٿيون. امريڪي خابرو اداري سي اين اين پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته سعودي اختياريون اعتراف ڪنديون ته صحافي جمال خاشقجي جاچ دوران مارجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته جيڪو به صحافي جي قتل ۾ ملوث هوندو، ان کي ذميوار قرار ڏنو ويندو. هوڏانهن امريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو به سعودي عرب پهچي ويو، جتي هو صحافي جمال خاشقجي جي قتل بابت سعودي اختيارين سان ڳالهيون ڪندو.

About

Check Also

برطانيا جو فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ جو چتاءُ

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنسماءَچار) برطانيا فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏي آهي، برطانوي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *