سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر ڪراچي ۾ قتل

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءچار) ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر مارجي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، هٿياربندن ڪار سوار کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هن مزاحمت ڪئي، ڦورن فائرنگ ڪري ڪار سوار کي قتل ڪري ڀڄي ويا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب مارجي ويل جي سڃاڻپ پروفيسر زين العابدين جي نالي سان ٿي آهي. علائقي واسين پيڇو ڪري هڪ قاتل کي سوگهو ڪري پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *