سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙجڪ مڪمل،8 نومبر تي رٿيل چٽاڀيٽي وارو امتحان ملتوي

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ سرڪار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙ جڪ مڪمل ڪندي 5 رٽائرڊ آفيسرن کي سرڪاري ۽ هڪ خانگي ميمبر ميمبر مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. 8 نومبر تي رٿيل چٽا ڀيٽي وارو امتحان هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي، جنهن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

سنڌ سرڪار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙ جڪ مڪمل ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سرڪار 5 رٽائرڊ آفيسرن سميت 6 ڄڻن کي 5 سالن لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو آهي.سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي رٽائرڊ آفيسر ميمبرن ۾ آفتاب انور بلوچ، سيد عابد علي شاهه، عبد العليم جعفري، اعجاز علي خان ۽ لال محمد کيڙو ۽ هڪ وڪيل هريش چند شامل آهن. واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌ پبلڪ ڪميشن ۾ سفارش تي ميمبر مقرر ڪيا ويا هئا، جنهن تي اعتراضن بعد ڪميشن جي جوڙ جڪ وارو معاملو ڪيتري ئي عرصي کان رولڙي جو شڪار هو.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *