اين آءِ وي سي ڊي سکر ۾ ٻارڙي فوت، ڊاڪٽرز تي لاپرواهي جو الزام

سکر (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سکر جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊڪ وسڪيولر ڊيزيز / اين آءِ وي سي ڊي اسپتال ۾ علاج دوران هڪ ٻارڙي جي فوت ٿيڻ ڊاڪٽرز تي الزام لڳايو ويو آهي. جيڪب آباد واسي سليم رند الزام لڳايو آهي ته، سليم رند چيو آهي ته سندس ڌيءُ کي بُخار ۽ دل جي تڪليف ٿي ته کيس سکر جي اين آءِ سي وي ڊي کڻي آيا، جتي ڊاڪٽر انجيڪشن لڳائڻ کانپوءِ چيو ته هي اسان جو ڪيس ناهي. کيس واپس کڻي وڃو. سليم رند چيو ته هو ڌيءُ کي واپس کڻي وڃي رهيا هئا تي رستي تي سندس حالت خراب ٿي وئي، واپس اين آءِ سي وي ڊي آياسين ته ڊاڪٽر کيس داخل ڪيو، تيستائين هوءَ فوت ٿي وئي. سليم رند چيو ته سندس ڌيءُ جي فوت ٿيڻ جا ذميوار اين آءِ سي وي ڊي جا ڊاڪٽر آهن، خبر ناهي ته هُنن ڪهڙي انجيڪشن لڳائي جو سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي، ٻيو وري ڌيءُ جو وقت سر علاج ڪرڻ بدران کين دربدر ڪيو ويو.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *