صوفي بزرگ حضرت سرور نوح جي 440 هين عرس جون تقريبون جاري

Makhdoom Jamil

هالا: عظيم صوفي بزرگ حضرت مخدوم نوح سرور نوح جي 440 عرس مبارڪ جو تقريبون شروع ٿي ويون. عرس جي تقريبن جو افتتاح سروي جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم  جميل الزمان مخدوم سرور نوح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي افتتاح ڪيو. عرس مبارڪ ۾  سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان لکين عقيدتمندن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اجتماعي دعا جو  گهري وئي ،جنهن ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ امن لاءِ دعا پڻ گهري وئي، ٻئي پاسي عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ شهر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *