قائد آباد ڀرسان اٽلس ڪمپني جو بوائلر ڦاٽي پيو،6 پورهيت حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ملير جي منزل پيٽرول پمپ ڀرسان قائم ملٽي نيشنل ڪمپني، اٽلس انجنيئرنگ پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني جو بوائلر ڌماڪي سان ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 6 پورهيت سڙي فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي، جنهن جي به حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اٽلس ڪمپني ۾ اربع ڏينهن صبح جو هڪ بوائلر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 پورهيت سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊاڪٽر رٿ فاؤ سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جتي 6 پورهيت زندگي جي جنگ هارائي ويا. فوتي پورهيتن ۾ 34 سالن جو محمد سليم، 30 سالن جو محمد عمران، 33 سالن جو خالد، 25 سالن جو عنايت، شادمان ۽ سليم شامل آهن.

واقعي ۾ هڪ پورهيت عامر صوفي جو علاج هلندڙ آهي، جنهن جي به حالت تمام گهڻي خراب ٻڌائي پئي وڃي. فيڪيٽري جي هڪ عملدار نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته، جيڪو بوائلر ڦاٽو آهي ان جي ڀرپاسي ۾ گئس ليڪيج جي شڪايت هئي. اهڙي شڪايت پورهيت گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪري رهيا هئا پر انتظاميه ان تي ڌيان نه ڏنو، اڄوڪو سانحو ان لاپرواهي جو نتيجو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 پورهيتن جي زندگي جي ڏيئا اجهامي ويا ۽ 6 خاندان متاثر ٿيا آهن.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *