نوابشاهه جي واٽر پارڪ ۾ ٻيڙي اونڌي، 5 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا ٻڏي فوت

نوابشاهه( رپورٽر سنڌ سماءَ چار)  قاضي احمد روڊ تي واقع هڪ خانگي واٽر پارڪ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 معصوم ٻارڙا ۽ هڪ عورت ٻڏي فوت ٿي وئي، پوليس پارڪ جي مالڪ ۽ ٻيڙي هلائيندڙ ملاح کي سوگهو ڪري لاڪ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته سانحي جو ڪيس فوتين جي وارثن داخل نه ڪرايو ته سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويندو. واٽر پارڪ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ 5 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا فوت، پوليس موجب حادثو اوور لوڊنگ سبب پيش آيو آهي، ٻيڙي هلائيندڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. باءِ پاس روڊ تي قائم واٽر پارڪ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب فوتين ۾ هڪ سال جي ڪشش نائچ، 2 ورهين جواعجاز، 5 ورهين جي ڪومل، 6 ورهين جو محمد صديق نائچ، 8 ورهين جو حسنين انڙ ۽ 60 ورهين جي شهناز شامل آهن. پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا، جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

پوليس موجب حادثو اوورلوڊنگ سبب پيش آيو آهي، ٻيڙي هلائندڙ حسنين سولنگي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *