نيپرا 300 يونٽس کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ 2 رپيا 98 پئسا في يونٽ بجلي سستي ڪري ڇڏي

اسلام آباد( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيپرا بجلي في يونٽ ۾ 2 رپيا 98 پئسا سَسَتي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، بجلي سستي ٿيڻ سان عام ماڻهن کي ڪو به فائدو نه ٿيندو. نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو  ويو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڊسمبر جي فِيول ايڊجسٽمينٽ جي مَد ۾ ڪئي وئي آهي جيڪو 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين تي لاڳو ٿيندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي ورهاڱي واريون ڪمپنيون فيبروري جي بلز ۾ عوام کي رليف فراهم ڪنديون جڏهن ته لائف لائن ۽ زرعي صارفين کي ان جو رليف نه ملي سگهندو. نوٽيفڪيشن ۾  چيو ويو آهي ته پيٽرول جا نوان اگهه ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندا.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *