اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ جي عوامي خدمت تيزي سان جاري آهي، پهرين مارچ کان هڪ ڀيرو وري پيٽروليم شين جا اگهه وڌايا پيا وڃن، آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي / اوگرا وزيراعظم کي صلاح ڏني آهي ته پيٽروليم شين جا گهه وڌايا وڃن. ان سلسلي ۾ اوگرا وزيراعظم کي هڪ سمري موڪلي آهي، جنهن ۾ کيس صلاح ڏني وئي آهي ته، پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 56 في ليٽر، پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۾ 6 رپيا 94 پئسا، گاسليٽ ۾ 6 رپيا 28 پئسا في لٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو في ليٽر واڌ ڪئي وڃي. حڪومت طرفان حتمي منظوري کانپوءِ نون اگهن جو اعلان اربع ڏينهن /اڄ شام تائين ڪيو ويندو، جنهن نڌجو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد اربع ۽ خميس جي وچ واري رات جو 12 وڳي کان نوان اگهه لاڳو ٿي ويندا.
Tags OGRA petrol prices increased
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …