هاڻي هندو وِڌوا ۽ طلاق مليل عورت کي شادي ڪرڻ جي اجازت هوندي…!!

HINDU 2

صدر ممنون حسين هندو ميريج بل 2017 تي صحي ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد اُهو قانون بڻجي ويو آهي، هاڻي هندو طلاق مليل ۽ وِڌوا هندو عورتون ٻيهر شادي ڪري سگهنديون، بل سنڌ کانسواءِ باقي ٽن صوبن ۾ لاڳو هوندو، ڇو ته سنڌ اسيمبلي اڳ ئي اهڙو بل منظور ڪري چڪي آهي.

هندو ميريج بل 2017 قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ٿيڻ بعد ان جو مسودو صدر ممنون حسين کي اماڻيو ويو هو.

صدر ممنون حسين هندو ميرج بل 2017 تي صحيح صحيح ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد اهو قانون بڻجي ويو آهي.

hindu 3

هندو ميريج بل 2017 جي صدر پاران منظوري کانپوءِ هاڻي، هندن جي شادي کي رجسٽرڊ ڪري سگهبو جنهن سان ان کي قانوني حيثيت ملي ويندي.

هندو ميريج بل تحت هاڻي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو طلاق مليل ۽ وِڌوا عورتون ٻيهر شادي ڪري سگهنديون، جيڪو حق کين اڳ نه هو.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *