ٽنڊوالهيار ۾ ڪرونا جو زور، ھڪ ڊاڪٽر فوت،67 نوان ڪيس ظاھر

ٽنڊوالهيار( رپورٽ سجاد حسين سنڌسماءَچار) سڄي سنڌ جيان ٽنڊوالهيار ۾ بہ ڪرونا جي وبا زور وٺي وئي آھي، ھڪ ڊاڪٽر لطيف يوسفاڻي زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويو، ضلعي۾ ڪرونا جا وڌيڪ 67 نوان ڪيس به ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ٽنڊوالهيار ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ وڌي 284 ٿي ويو آهي. ٽنڊوالهيار واسي ناميارو ڊاڪٽر لطيف يوسفاڻي کي ڪجھ عرصو اڳ ڪرونا وائرس ھئڻ جي تصديق ٿي ھئي، جنھن بعد کيس حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ھو جتي ھن ڇنڇر ڏينهن دم ڏنو. ٽنڊوالهيار جي ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ ڪرونا ٽيسٽ گھٽ ھجڻ سبب مريضن جو صحيح انگ ظاھر نه ٿيو آھي. ضلعي ۾ وبا سٽيل ماڻهن جو انگ تمام گهڻو آھي انڪري ماڻھن کي احتياط ڪرڻو پوندو.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *