پندرنهن ڏينهن اڳ گم ٿي ويل شاگرد جو لاش اڪرم واهه مان هٿ

ڄامشورو( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پندرنهن ڏينهن اڳ ڪوٽڙي ويندي گم ٿي ويل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد جو لاش اڪرم واهه مان مليو آهي، وارثن سندس دوستن تي کيس قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. 13 جنوري تي ڪوٽڙي ويندي مبينا طور گم ٿي ويل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد فتح شير راجپوت جو حيدرآباد ويجهو اڪرم واهه مان لاش هٿ ملڻ بعد پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، ڇلگري پوليس ڦليلي ويجهو پهچي فتح شير جو لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن جو سندس وارثن کي اطلاع ڪيو ويو. پوليس اسپتال مان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو، فتح شير راجپوت جي وارثن جو چوڻ آهي سندن نوجوان13 جنوري تي دوست جي سالگرهه تقريب لاءِ ڪوٽڙي ويو هو، جتان واپس نه موٽيو، سندس پيءُ چيو ته خدشو آهي ته نوجوان کي دوستن گهرائي قتل ڪيو آهي، جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *