Sunday , April 20 2025
Breaking News

پي ٽي آءِ کي انٽرا پارٽي اليڪشن لاءِ هڪ سال جي مهلت ملي وئي

 

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جِي حيثيت ۾ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي هئي ته انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏني ڏني وڃي، جيڪا درخواست اليڪشن ڪميشن منظور ڪري پي ٽي آءِ کي انٽرا پارٽي اليڪشڻ ڪرائڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته تحريڪ انصاف جي ترميمي آئين 2019 تحت انٽرا پارٽي اليڪشن 18 مهينن اندرڪرائڻي هئي، پرسڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به ڪرونا وائرس جي وبا سبب اليڪشڻ ڪرائين نه سگهيو آهي ۽ ڪرونا وائرس اڃا تائين ختم ناهي ٿيو، انڪري انٽرا پارٽي اليڪشڻ ڪرائڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏني وڃي، چيف اليڪشن ڪمشنر تحريڪ انصاف جي چيرمين عمران خان جي درخواست منظور ڪندي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون ته هنن ڇا ڪيو، ڪئنال ٺهڻ ڏيو: مصدق ملڪ

اسان سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون، هنن ان تي اسان کي ڇا ڪيو جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *