ڏکڻ وزيرستان:ڏکڻ وزيرستان جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج وانا ۾ اوچتو باهه لڳي وڳي آهي، جنهن سڄي اسڪول کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، فائر برگيڊ جون گاڏيون باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. ڏکڻ وزيرستان جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج وانا ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي پرنسپل جي آفيس سميت 40 کان وڌيڪ ڪمرن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. ٽانڪ ۽ ٻين شهرن مان فائر برگيڊ جون گاڏيون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جيڪي باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. وانا ڊگري ڪاليج ۾ 15 سئو کان وڌيڪ شاگرد پڙهن ٿا، باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ قيمتي ڪاغذن سميت سمورو رڪارڊ سڙي رک ٿي ويو آهي
Tags collage fire south wazirstan
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …