ڪراچي: آءِ جي سنڌ شهر ۾ روزانو ٽريفڪ جام ٿيڻ جو نوٽيس ورتو،

ڪراچي:

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڪراچي ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ ٽريفڪ کي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي هدايت ڪئي ته ڪراچي جي اهم شاهراهن ۽ روڊن تي ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پيز کي روڊن تي ڊيوٽي جو پابند بڻايو وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي ٿاڻن کان به مدد ورتي وڃي.
ڪراچي ۾ مختلف روڊن کي ويڪرو ڪرڻ ۽ روڊن جي تعمير سبب روزانو ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻيل آهي.
اهڙين شڪايتن بعد آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي واسطيدار عملدارن کي تريفڪ جي رواني برقرار رکڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *